روح رهاڻ5

روح رهاڻ5

روح رهاڻ5

روح رهاڻ5

روح رهاڻ5

روح رهاڻ5

روح رهاڻ5

روح رهاڻ5 (رسالو): سنڌي ٻوليءَ جو مشهور رسالو ’روح رهاڻ‘ زندگي پبليڪيشنز، حيدرآباد پاران، نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ادارت هيٺ مارچ 1960ع ۾ جاري ٿيو. 1961ع ۾ حڪومت طرفان نئون آرڊيننس جاري ڪرڻ کان پوءِ ٻين رسالن سان گڏ هن رسالي جي ڊڪليريشن رد ڪئي وئي ۽ بند ٿي ويو. 1963ع ۾ نئين ڊڪليريشن ملڻ کانپوءِ ’روح رهاڻ‘ رسالو ٻيهر جاري ٿيو ۽ ڊسمبر 1968ع تائين لڳاتار شايع ٿيندو رهيو. 1963ع ۾ ڪجهه مهينن لاءِ هن رسالي جو ايڊيٽر مشهور ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار جمال رند مقرر ٿيو، ان بعد حميد سنڌيءَ وري ادارت جون ذميواريون سنڀاليون. حميد سنڌيءَ سان سهڪاري سٿ ۾ اشفاق قاضي ۽ سليم خواجه شامل هئا. رسالي جي سرورق جو شعر مشهور شاعر امداد حسيني لکندو هو.
’روح رهاڻ‘ رسالي جو ترقي پسند ادبي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار آهي، اڄ جي ڪيترن مشهور اديبن ’روح رهاڻ‘ ۾ لکڻ کان شروعات ڪئي. هي پنهنجي دور جو انتهائي مقبول رسالو رهيو، جنهن ۾ شيخ اياز، م. ع. ڏيپلائي، تنوير عباسي، امداد حسيني، سراج، نياز همايوني، امر جليل، محسن ڪڪڙائي، وفا ناٿن شاهي،رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو، عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت شورو، جمال رند ۽ ٻيا باقاعدگيءَ سان لکندا هئا.
’روح رهاڻ‘ کي سچ لکڻ سبب ڪيتريون تڪليفون به ڏسڻيون پيون، پر هن رسالي پنهنجي پاليسيءَ ۾ تبديلي نه آندي. مارشل لا ۽ ون يونٽ خلاف عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ هن رسالي جو مکيه ڪردار آهي. هونئن ته روح رهاڻ جو هر پرچو پڙهڻ وٽان هوندو هو، پر هن جو سالنامو يادگار هوندو هو. شيخ اياز جا ڪتاب ’جل جل مشعل جل‘، ’هي گيت اُڃايل مورن جا‘ پهريان مڪمل طور ’روح رهاڻ‘ ۾ ڇپيا پوءِ انهن کي الڳ ڪتابي صورت ملي.
’روح رهاڻ‘ طرفان 1965ع، 1966ع، 1967ع ۽ 1968ع ۾ ٿيل ’جشن روح رهاڻ‘ به يادگار آهن. بسنت هال حيدرآباد ۾ ٿيل انهن پروگرامن جي مختلف بيٺڪن جي شيخ اياز، بيگم زينت عبدالله چنا، رسول بخش پليجي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين ناليوارن اديبن صدارت ڪئي. هن جشن ۾ سڄيءَ سنڌ جا اديب شرڪت ڪندا هئا ۽ تقريرن، ڪهاڻين، مشاعري ۽ موسيقيءَ جون الڳ الڳ نشستون ٿينديون هيون. هن جشن ۾ ادب جي مختلف صنفن ۾ لکندڙ بهترين اديبن کي اوارڊ ۽ اوارڊن سان گڏ ڪجهه رقم به ڏني ويندي هئي، جيڪا عبدالله چنا ۽ بيگم زينت چنا طرفان هوندي هئي. روح رهاڻ جي صلاحڪاري ٽيم ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجو شامل هوندا هئا، جڏهن ته رسالي تي ايندڙ سمورو خرچ حميد سنڌي ادا ڪندو هو.
1968ع ۾ روح رهاڻ کي حڪومت خلاف مواد ڇاپڻ جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو ۽ ان جي ايڊيٽر حميد سنڌيءَ تي 35000 روپيا ڏنڊ وڌو ويو. رسالي جي انتظاميه طرفان ان نوٽيس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. جسٽس عبدالحئي قريشيءَ پنهنجي فيصلي ۾ انهن الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي، رسالي جي حق ۾ فيصلو ڏنو، پر مالي مسئلن جي ڪري اهو رسالو جاري رهي نه سگهيو ۽ نومبر- ڊسمبر 1968ع جي آخري پرچي کان پوءِ بند ٿي ويو.
جنوري 2009ع ۾ حميد سنڌيءَ هن رسالي جي ڊڪليريشن هڪ ڀيرو وري بحال ڪرائي، رسالو ٻيهر ڪڍڻ شروع ڪيو، پر اُن جا 8 شمارا شايع ٿيڻ کانپوءِ اهو به جنوري 2010ع ۾ وري بند ٿي ويو.
(حميد سنڌيءَ کان ورتل انٽرويو جي بنياد تي تيار ڪيل)


هن صفحي کي شيئر ڪريو